عبدالوهاب ناظم طيباڻي

عبدالوهاب ’ناظم‘ طيباڻي: عبدالوهاب ولد دوست محمد طيباڻي، 21 آڪٽوبر 1905ع تي شڪارپور ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم ورنيڪيولر اسڪول نمبر 2 مان حاصل ڪيائين. تعليم پوري ڪري بئراج کاتي ۾ ڪلارڪ مقرر ٿيو. بعد ۾ هيڊ ڪلرڪ به ٿيو. هو پنهنجي کاتي ۾ پنهنجي منفرد مزاج سبب بيحد مقبول هو. پاڻ سنڌي ٻولي ۽ ادب جو وڏو خدمتگار هو. شاعري کيس ورثي ۾ ملي هئي. سندس خاندان جو وڏو فقير واليڏنو طيباڻي چڱو شاعر ٿي گذريو آهي. ‘سنڌ سڌار سوسائٽيءَ’ پاران 9 اپريل 1944ع تي لاڙڪاڻي ۾ منعقد ٿيل پنجين سنڌي ادبي ڪانفرنس سڏائڻ ۽ ان کي ڪامياب بنائڻ لاءِ سندس خدمتون ادبي تاريخ ۾ اهم جاءِ والارين ٿيون. ماهوار رسالي ‘اديب سنڌ’ جي اجراءَ ۽ اشاعت ۾ به سندس خدمتون قابل تعريف آهن. سندس خدمتن جي عيوض ‘اديب سنڌ’ جي پهرئين پرچي اپريل 1914ع کان ان جي سرورق تي سندس تصوير شايع ڪئي ويندي هئي. ‘اديب سنڌ’ ۾ هلندڙ طرحي مشاعرن جي سلسلي ۾ به پاڻ باقاعدگيءَ سان شرڪت ڪندو هو. ناظم، شاعري کان علاوه ڪجهه مضمون به لکيا، جيڪي اديب سنڌ ۽ ٻين رسالن ۾ ڇپيل آهن.
عبدالوهاب طيباڻيءَ جي فوتگيءَ جو به عجيب داستان آهي. ناظم جي ڀاءُ گل محمد جي وفات ٿي ۽ ان جو جنازو قبرستان ڏانهن نيو پئي ويو ته هن به دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو. ٻنهي ڀائرن جي وفات 14 جون 1962ع تي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1905.10.21  عيسوي

عبدالوهاب ولد دوست محمد طيباڻي، 21 آڪٽوبر 1905ع تي شڪارپور ۾ جنم ورتو.


1962.07.14  عيسوي

عبدالوهاب ناظم طيباڻي جي وفات 14 جون 1962ع تي ٿي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

دوست محمد قريشي
غلام عباس ڀنڀرو
امير پير
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
رند احمد علي ڊاڪٽر
ڀڳت هاسارام پنجواڻي
الف خان ترين خانبهادر
شهروز سبزواري
صديقي سليم الزمان ڊاڪٽر
دلدار عباسي 1
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون